سليمان خان لنڊ

سليمان خان لنڊ: خان لنڊ'>سليمان خان لنڊ، گهنور خان جو همعصر ۽ هم قبيلائي جاگيردار هو. گهنور خان لنڊ کانپوءِ خان لنڊ'>سليمان خان لنڊ کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي آراڙيءَ واري علائقي ۾ وڏي جاگير ڏني، جيڪا پٽ سليمان جي نالي سان مشهور آهي. هن علائقي ۾ پنهورن جو زور هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي، گهنور خان ۽ سليمان خان جي مدد سان هن علائقي مان پنهورن جو زور ٽوڙيو ۽ اتي هنن لنڊ سردارن کي سار سنڀال لاءِ جاگيرون ڏنيون. سندس وفات روايتن موجب 80 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. هن کي جنهن قبرستان ۾ دفنايو ويو، سو اڄ به سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.


لفظ سليمان خان لنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو